محمد مقيم شاعر ٺٽوي

محمد مقيم شاعر ٺٽوي :هن فاضل شاعر ترخانن جي زماني ۾ ۽ سنڌ جي پوئين حاڪم مرزا جاني بيگ جي درٻاري شاعر جو عهدو حاصل ڪيو هو. جڏهن مرزا جاني بيگ تي مرزا عبدالرحيم خان خانان ڪاهي آيو ۽ کيس ٺٽي مان گرفتار ڪري اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ وٺي ويو، تڏهن مرزا جانيءَ سان سندس اهل عيال سميت جيڪي به خاص ماڻهو گڏ هئا، تن ۾ محمد مقيم شاعر به هو. مرزا جي مرضي هوندي هئي ته محمد مقيم کي اڪبر اعظم جي درٻار ۾ پهچائي، پر اهڙو موقعو اڳ ۾ هن کي ڪڏهن به نه ملي سگهيو. هڪ دفعي اڪبر بادشاهه جي ڪچهريءَ ۾ مرزا جاني بيگ سنڌي گَويا پيش ڪيا، جن سنڌي زبان ۾ عمر مارئيءَ جي سر مان ڳايو. بادشاهه فرمايو ته عمر مارئي سنڌي قصي جي حقيقت ڇا آهي. مرزا عرض ڪيو ته مُقيم شاعر کي جيڪڏهن ملاقات جو شرف حاصل ٿئي ته هو ان قصي کان پورو واقف به آهي ۽ پوري طرح بيان ڪري سگھي ٿو. مگر بادشاهه ان ڳالهه تي پورو توجهه نه ڏنو، جنهنڪري اڪبر اعظم جي ڪچهريءَ ۾ پهچڻ کان محروم رهجي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو